جتوئي عبدالرحيم آزاد

جتوئي عبدالرحيم آزاد

جتوئي عبدالرحيم آزاد

جتوئي، عبدالرحيم آزاد: سنڌ جو مشهور استاد، اديب، شاعر، اڳواڻ ۽ صحافي عبدالرحيم آزاد جتوئي پهرين جنوري 1935ع ۾ تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ دڦر جتوئيءَ ۾ بختيار خان جي گهر ۾ پيدا ٿيو، ٻاروتڻ ۾ ئي پيءُ جي شفقت کان محروم ٿيو. سندس پالنا جفاڪش امڙ ڪئي. نوجوانيءَ ۾ پهرين جوڙ جي ملهه طور سڃاتو ويندڙ عبدالرحيم اڳتي هلي وقت جي ڏاڍن ماڻهن سان مهاڏو اٽڪايو. 1952ع ۾ شڪارپور ضلعي ۾ پرائمري ماستري مقرر ٿيو ۽ 1995ع تائين هن عظيم پيشي سان واڳيل رهي پاڻ مڃايائين، ان سان گڏ سنڌ جي محروم ۽ مظلوم استادن جو ترجمان ٿيو ۽ سندن حقن جو نگهبان ٿيو. پ ٽ الف سنڌ جي صدر جي حيثيت ۾ غريب ۽ بي پهچ پرائمري استادن جي حقن لاءِ هر محاذ تي ڪامورن ۽ وڏن ماڻهن سان ويڙهه ڪئي. سڄي عمر پ ٽ الف کي ارپي ڇڏيائين. عبدالرحيم 1981ع کان 1995ع تائين پ ٽ الف سنڌ جو صدر رهيو. هن سنڌ سان گڏ پوري پاڪستان جي استادن کي منظم ڪرڻ لاءِ رابطه ڪاميٽي جوڙي ۽ ان پليٽ فارم تان استادن جي حقن لاءِ شاندار ۽ ڀرپور تحريڪون هلايائين.

عبـدالـرحيـم جـتـوئي اسـتادن جـي معـاشـي حـقـن جي جـدوجـهـد سـان گـڏ اسـتادن کي تعليـمي شعـور ڏيارڻ لاءِ به ڪوششـون ورتيـون. تعليـمي ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪرائي استادن، تعليمي ماهرن، وزيرن ۽ ڪامورن کي گڏ ويهاريائين. ’سکو ۽ سيکاريو‘ جو نعرو هنيائين. عبدالرحيم آزاد جتوئي محب وطن ڪارڪن ۽ هاري اڳواڻ به هو. هو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ رمضان شيخ، ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ، مولوي نذير حسين جتوئي ۽ هادي بخش مهر جو سچو ساٿي هو. سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو بي باڪ ورڪر هو. وڏيرن ۽ جاگيردارن خلاف سدائين سرگرم رهيو. وڏيرن کيس ڊي. پي. آر تحت قيد به ڪرايو، پر جيل جون صعوبتون کيس خاموش ڪري نه سگهيون. نوڪري تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ 1997ع جي عام چونڊن ۾ پني عاقل مان صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊ به وڙهيو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.

سنڌي ادبي سنگت جو بنيادي ميمبر هو. سٺ واري ڏهاڪي ۾ ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان پني عاقل ۾ ادبي ڪانفرنسون ۽ ڪل سنڌ مشاعرا ڪرايائين، شاعر ۽ نثرنگار به هو، آزاد تخلص ڪم آندائين. سندس قلمي ڪاوشون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون. آخري عمر ۾ روزانه عوامي آواز جو پنوعاقل لاءِ تعلقي رپورٽر ٿي رهيو. هن پني عاقل ۾ ’مهراڻ اورينٽل ڪاليج‘ جو بنياد رکيو. مارچ 2007ع ۾ وفات ڪيائين، سندس خدمتن جي مڃتا طور سنڌ حڪومت پنوعاقل جي مين پرائمري اسڪول جو نالو عبدالرحيم آزاد جتوئي رکيو. عبدالرحيم آزاد جتوئيءَ جي مضمونن، سوانح حيات ۽ تقريرن تي مشتمل ڪتاب ڇپائي هيٺ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.01.01  عيسوي

بدالرحيم آزاد جتوئي پهرين جنوري 1935ع ۾ تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ دڦر جتوئيءَ ۾ بختيار خان جي گهر ۾ پيدا ٿيو


2007.03.00  عيسوي

. عبدالرحيم آزاد جتوئي مارچ 2007ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالرشيد ولهاري
ڄيٺا لال ايسراڻي ’نريش‘
صالح بن عبدالرحمــٰن
حبيب الله ڏيپلائيِ
عابده سلطان شهزادي
ٺٽوي امين الدين خان حسين
جمشيد نسروانجي ميهتا
شاهه حسن مرزا ارغون
آر اي شاهه
عبدالستار سمو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون